سوشل ميڊيا به ثقافتي ويس اوڍي ورتو، ايڪتا جا وچن

0
338
سوشل ميڊيا به ثقافتي ويس اوڍي ورتو، ايڪتا جا وچن

سوشل ميڊيا به ثقافتي ويس اوڍي ورتو، ڊي پيز ۽ ڪور تي ثقافتي تصويرون اپلوڊ ڪرڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي، اجرڪ ۽ ٽوپي وارين تصويرن جي سوشل ميڊيا تي شيئرنگ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، هر سنڌ واسي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي، مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ پروگرامن جي ڄاڻ پڻ سوشل ميڊيا تي ڏني پئي وڃي، سنڌي ڪلچرل ڊي 2021ع ٽرينڊ هلي رهيو آهي، ان دوران پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي، جتي سنڌ واسي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ايڪتا جو وچن ورجائي رهيا آهن اتي وري تنقيدي پوسٽون به جاري رهيون، جن تي بحث دوران اها ڳالهه هڪٻئي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قومن جي ثقافت ڇا هوندي آهي؟ قومن لاءِ ايڪتا ڇو ضروري هوندي آهي؟

ڊاڪٽر برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌين جي اڪثريت وٽ ثقافت جو مطلب صرف ٽوپي ۽ اجرڪ آهي، لباس قومي ثقافت جي صرف هڪ علامت آهي، قومي ثقافت جو مکيه اثاثو صرف سماجي قدر Social Values هوندا آهن، سنڌي ماڻهن جي اڪثريت پنهنجا سماجي قدر وڃائي چڪي آهي.

1) سنڌي سماج ۾ مذهبي نفرت نه هئي، سنڌ ۾ هڪ ئي وقت تي هزارين سال هندو، جين، ٻڌ ۽ مسلمان گڏ رهيا هئا.

2) سنڌي سماج ۾ قبيلائي ورڇ نه هئي، هڪ ئي ڳوٺ ۾ سموريون ذاتيون گڌ رهنديون هيون ڪو به قبيلائي سردار نه هئو، ڳوٺ ۾ پنچائت هر قبيلي جي نگهبان هوندي هئي.

3) سنڌ ۾ عورت آزاد ۽ خودمختيار هوندي هئي، مومل گجر، زينب سومرو ۽ چاڳلي برفت رياستن تي حڪومت ڪئي هئي، سورٺ راءِ ۽ نوري ملاح سنڌ جي تخت تي پنهنجي بادشاهن (راءِ ڏياچ ۽ ڄام تماچي) سان درٻار ۾ گڏ ويهنديون هيون.

سنڌ پنهنجا سماجي قدر وڃائي مذهبي نفرت، قبيلائي ورڇ ۽ مرداڻي بالادستي ۾ ڦاسي پئي آهي. لباس اسان جي ثقافت ڪو نه بچائيندو، پنهنجا سماجي قدر بچايو.

جنهن تي هاشم کاسو، امر فياض، سرفراز ساريو، جڳديش آهوجا، افروز ٿيٻو، شيوڪ رام، نماڻو نوناري، سرواڻ جوکيو، ذوالفقار نوناري، امير احمد ناريجو، حق نواز مڱڻهار، شعبان حيدر سولنگي، زيب سنڌي،عبدالرحمان ٽالپر، آصف ڪانڌڙو، شفيع محمد ميمڻ، بابر جاگيراڻي، آصف جوش ٻرڙو، سنڌ واسي، نهال چند ڀيل، فواد خان ۽ ٻين اهڙي ڳالهه سان اتفاق ڪيو. روشن علي لکيو ته بهتر آهي ته سيمينار ڪرايا وڃن جنهن مان لاڀ حاصل ٿئي، ممتاز صوفي لکيو ته پوشاڪ ظاهري ۽جسماني ثقافت آهي روحاني ثقافت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڳالهه سڌي اٿو سنگت صرف سنڌ دشمن ڌرين کي ئي سنڌي ثقافت وارو تهوار برداشت ناهي ٿيندو ڇو جو ثقافت ملهائڻ سان قومي ٻڌي ۽ قومپرستيءَ ۾ اڀار ايندو آهي هي تهوار مستقبل جي سنڌ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو جنهن جو لاڀ هڪ ڏينهن ايندڙ سنڌ پنهنجي اکين سان ڏسندي. عظيم قومن جون ثقافتون به شاندار ٿينديون آهن بلڪي چوڻ ته ائين گهرجي ته ثقافت قوم جو لباس هوندي آهي جيترو ثقافت کي سينگاريندا اوتروئي قوم جو جسم سهڻو لڳندو. اهڙي پوسٽ تي ڊاڪٽر ثمينه واحد، طارق امر، حاڪم کوسو، پنهور آذان، هوش محمد پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.