پيارو اسٽيشن(ن پ ا) سنڌ سجاڳي فورم جا اڳواڻ سارنگ جويو، سيد مسعود شاهه ۽ ٻيا پاٽ شريف ۾ سيد زمان شاهه پاران مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد تي منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي سماجي ڪارڪن  تنوير پاٽائي، مختيار برهماڻي، صورت سنڌي ۽ ٻيا به موجود هئا، مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، سارنگ جويو، مسعود شاهه خطاب ڪندي چيو ته ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ ننڍي عمر جي نياڻين جون شاديون ۽ هندو نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽائي کين شاديون ڪرايون پيون وڃن، اها سڌي ريت انتها پسندي آهي جنهن تي قانوني ادارا خاموش آهن، هتي هٿ وٺي تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي، گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ رياست مٿان رياست قائم ڪندڙن کي سنڌ جون زمينون تين وال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، سنڌ جي مزدورن جا حق کاڌا ويا آهن، اسيمبلين، بنگلن ۽ اربين جون گاڏيون استعمال ڪندڙن کي مزدورن جي حق تي ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي، سڄي سنڌ جون ڳوٺاڻيون عورتون هُنر مند آهن پر سرڪار سنڌ هٿ نٿي ونڊائي، سائين جي ايم سيد سڀني کي حق وٺڻ سيکاريو اسان سيد جو پيغام کڻي هر ڳوٺ واهڻ شهر وڃي شعوري ڳالهه سڀني جي اڳيا رکنداسين.