خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي اڳوڻي ڪائونسلر فنڪاره ممتاز ڪنول جي حملي وارن الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ نظاماڻي پاڙي جي رهواسي اڳوڻي ڪائونسلر علي شير ڏهوٽ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته فنڪاره ممتاز ڪنول سان پلاٽ جي معاملي تان گذريل 20 سالن کان تڪرار هلندڙ آهي. هوءَ وقت بوقت ڪوڙا ڊراما ڪري منهنجي ۽ منهنجي فيملي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهي آهي. هوءَ هن وقت تائين منهنجي مٿان 38 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي چڪي آهي، جيڪي انڪوائري بعد بي ڪلاس تحت خارج قرار ڏنا ويا آهن. هن چيو ته گذريل ٽي ڏينهن اڳ به هن پنهنجي نياڻيءَ جي اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائي منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هن انڪشاف ڪيو ته جنهن پلاٽ تي تڪرار هلي رهيو آهي اهو پلاٽ امام بارگاھ جو آهي. هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي ممتاز ڪنول جي مبينا زيادتين کان بچايو وڃي.