نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد وچ بازار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، موچڪو ڪم ڪندڙ پٺاڻ پورهيت قتل، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، پورهيت کي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيو ويو، جوابدارن کي نٿا سڃاون. خبر موجب شهر جي وچ بازار ۾ موچڪو ڪم ڪندڙ پورھيت عطاءُ الله پٺاڻ کي ٻن موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول پورهيتن باجوڙ جو رھواسي ھو، جيڪو ٽن ڀائرن سان گڏجي نصيرآباد ۾ گذريل 13سالن کان موچڪو ڪم ڪندو هو، مقتول جي ڀاءُ رحمت الله پٺاڻ ٻڌايو ته نامعلوم جوابدارن اسان کان ڀتو گھريو هو، جيڪا شڪايت اسان اڳوڻي سٽي انچارج پوليس اعجاز ٻگھيو سان ڪئي ھئي پران اسان جي شڪايت ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، هن چيو ته جوابدارن کي نه ٿو سڃاڻان ٻھراڙي جا لڳن پيا. آخري اطلاعن موجب مقتول جي ڀاءُ رحمت الله پٺاڻ جي فرياد تي ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.