نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ 19هين ڏينهن به کنڀي گم ڪيل سينگار نوناري جي آزادي لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي سوين عورتن ۽ سياسي ورڪرن احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي دانشور تاج جويو، ڊاڪٽر بخشل ٿلھو، ماروي، حاجي خان بروھي ۽ ٻين چيو ته سينگار نوناري جي جبري گمشدگي تي سنڌ جي حڪمرانن جي خاموشي افسوسناڪ آهي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ رينجرز ۽ پوليس سنڌ جي عوام جي پگھر مان پگھارون پئي کڻي پر ڪم ملڪ رياض جو پيا ڪن. ھنن چيو ته ڪافي وقت کان سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي سنڌ جي اٿندڙ آواز کي دٻايو پيو وڃي، ھنن چيو ته سينگار نوناري جو آخر ڪھڙو ڏوهه آھي؟ جو هن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته سينگار نوناري کي ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي.