سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڻي جي کوٽ ۽ پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ لڳاتار ڀوڳي رهيو آهي پر نه ارسا نه وفاقي حڪومت انهي سلسلي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن بلڪه ايئن چئجي ته ارسا ۽ وفاقي حڪومت جي ئي ڪري سنڌ کي اها کوٽ ڀوڳڻي پئجي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته 91 ع جي ٺاهه تحت پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻنهي جي دلچسپي ناهي. هاڻي به ارسا ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ جي منظوري ڏني آهي، جنهن خلاف قومي اسيمبلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب سان واسطو رکندڙ ميمبرن احتجاج به رڪارڊ ڪرايو.
ارسا ڪي پي ۽ بلوچستان کي پاڻي کوٽ کان آجو قرار ڏئي سنڌ ۽ پنجاب کي 16-16 سيڪڙو گهٽ پاڻي فراهم ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو، سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري بدين، ٺٽو، سجاول، ۽ پڇڙي جي ٻين علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي چڪيون آهن، پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن. صوبي جا اڪثر روڊ رستا پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻن سبب بلاڪ رهن ٿا، ارسا منصفاڻي ورڇ نه ٿي ڪري جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جڏهن ته وري سنڌ جا آبپاشي عملدا ر بي پهچ سنڌ جي آبادگارن جو پاڻي بااثرن کي ڏئي ٿا ڇڏين جنهن ڪري سنڌ جا بي پهچ آبادگار ٻٽو عذاب ڀوڳين ٿا. سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ درياهي پاڻي نه پهچڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائيندو تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن سان زرعي زمين ختم ٿي رهي آهي، جر ختم ٿيندو پيو وڃي، جتي وري جر آهي به سو پيئڻ لائق نه رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ارسا چيئرمين عجيب منطق پيش ڪندي سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ کي زيان ۽ بيوقوفي قرار ڏنو هو، بلوچستان حڪومت وري سنڌ حڪومت مٿان پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو هو، وفاقي حڪومت ۽ ارسا آڏو سنڌ جي سخت احتجاج جو به ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي، ڇاڪاڻ جو پاڻي ڇوڙ جي تازي منظوري 91ع واري ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي تحت ڏني وئي جنهن سان سنڌ کي وڌيڪ پاڻي جي کوٽ برداشت ڪرڻي پوندي ۽ وڌيڪ هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون. پنجاب هڪ پاسي سنڌ مٿان واڌو پاڻي کڻت جو الزام مڙهيو آهي ته ٻئي پاسي زرعي پيداوار جي لحاظ سان سنڌ پنجاب جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي ۽ هن ڀيري واري کوٽ سان سنڌ جي آبادگارن لاءِ ايندڙ سال تمام گهڻو ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻي کوٽ جي ڪري ساريالو فصل گهربل هدف جيترو پوکجي نه سگهيو، ايڪسپورٽ ٿيندڙ ايري چانور به نه هئڻ برابر ٿيندو، جنهن سان يقينن سنڌ جا آبادگار وڌيڪ نقصان ڀوڳيندا.سنڌ جو پاڻي روڪڻ لاءِ سنڌو جي ڪنڌ تي ڊيم ٺاهڻ تي زور ڀريو پيو وڃي ۽ سموري دنيا ڊيمز کي خطرناڪ قرار ڏئي وڏا ڊيم پاڻمرادو ختم ڪندي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌ وڏن ڊيمن کي نقصانڪار سمجهي ٿي ڇاڪاڻ ته وڏا ڊيم ٺهڻ سان سنڌو درياءَ قيد ٿي ويندو جيڪو پاڻي هاڻي به ڪجهه سالن کانپوءِ سمنڊ تائين مس ڇڏيو وڃي ٿو اهو مڪمل بند ٿي ويندو ۽ سمنڊ ٺٽي ۽ بدين کي ڳڙڪائي ويندو. دنيا جا ماهر دانهون ڪري رهيا آهن ته پاڻي کوٽ جو هڪ ئي حل آهي ۽ اهو آهي علائقائي سطح تي ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي برسات توڙي واڌو مقدار ۾ ملندڙ پاڻي انهن ۾ گڏ ڪجي جنهن سان اُتان جي مقامي زمين آباد ٿي ويندي، ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملي ويندو پر ارسا ۽ واپڊا پاڻي کوٽ کي وڏن ڊيم ٺاهڻ ذريعي ختم ڪرڻ جي فارمولي تي بضد آهن جيڪو سنڌ لاءِ زهر قاتل آهي.
اسان سمجهون ٿا ته پاڻي معاملي تي سنڌ سان لڳاتار زيادتي ٿي رهي آهي ،ٽي رخي فارمولي تحت ورڇ سان کوٽ جو سڄو بار سنڌ تي پئجي رهيو آهي، پنجاب ته چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال وهائي پنهنجي حصي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ٿو ۽ کوٽ رڳو سنڌ کي برداشت ڪرڻي پوي ٿي، جنهن تي سڀني کان وڌيڪ پاڻي جو حق آهي. تنهن ڪري ارسا 91ع واري ٺاهه تي پاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري جيئن سنڌ جا هاري آبادگار ۽ ڊيلٽا وارا ايندڙ تباهي کان بچي سگهن.