لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سماجي اڳواڻ انور کوکر لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته نئون ديرو پوليس کي گهوٽڪي واسي 10 ورهين جو نينگر لاوارث حالت ۾ هٿ آيو آهي. جيڪو پنهنجو نالو جاويد ۽ والد جو عبدالڪريم سبزوئي ٻڌائي رهيو آهي، جيڪو گهوٽڪي جي گهنيا پل واري علائقي جو رهواسي آهي، سندس پيءُ گهوٽڪي ۾ هڪ هوٽل تي ماني پچائڻ جو پورهيو ڪندو آهي، اسان سندس وارثن جي ڳولا ڪئي آهي پر ڪو به انهن سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي، ان موقعي تي هٿ آيل نينگر جاويد سبزوئي صحافين کي ٻڌايو ته مان پنهنجي علائقي ۾ مين روڊ تي گذرندڙ مسافر بس تي سوار ٿيس، جنهن مون کي نئون ديرو شهر ۾ لاٿو، جتي مان پوليس کي هٿ آيس. هن چيو ته اسان غريب آهيون، مونکي 5 ڀائر ۽ 4 ڀينرون آهن، جن ۾ ڀائرن جا نالا سليم، قمرالدين، امداد ۽ شوڪت علي سبزوئي آهن، مان پنهنجي پاڙي جي مدرسي ۾ تعليم پرائيندو آهيان، ڀلجي هتي پهتو آهيان، واپس وارثن ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿو، جنهن لاءِ منهنجي مدد ڪري وارثن سان ملايو وڃي.