مڪيش امباڻي جي پٽ جي مهانگي شادي ۽ سنڌ جي صورتحال بابت بحث

0
42

 مڪيش امباڻي جي پٽ جي مهانگي شادي جا سوشل ميڊيا تي چرچا جاري آهن انهي دوران سنڌ جي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو، ان حوالي سان برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄڪلھه پوري دنيا ۾ امباڻي جي پٽ جي مهانگي شادي جي وڏي هاڪ پئي هلي، پاڪستان ۾ ته وڏو رونشو متل آهي. پر انڊيا جي نظر ۾ اها فضول خرچي ڪونهي. انڊيا جي حڪومت کي ته امباڻي مفت ۾ ڪمائي ڏنو آهي، پوري دنيا جي ميڊيا جو رخ انڊيا طرف آهي، امباڻي صرف چوڏهن سئو ڪروڙ خرچ ڪري گجرات جي گيري جي جهنگ ۾ پلجندڙ چوڏهن سئو شينهن کي انڊين حڪومت طرفان پالڻ تي ساراهي پئي، ڄام نگر ۾ هاٿين جي ٿيندڙ پالنا گهر کي ساراهي پئي. گجرات جي ٽوئر ازم ۾ ٻيڻ تي واڌارو ٿيو آهي، ڄام نگر جهڙو ننڍڙو شهر آءِ ٽي انويسٽمينٽ لاءِ کلي ويو آهي جتان انڊيا کي اربين ڊالر ناڻو ملندو. امباڻي پنهنجي پٽ جي شادي ۾ ذاتي خرچ ڪري نه صرف پنهنجي ڪمپني رلائينس گروپ کي آءِ ٽي ۽ انٽرٽينمينٽ ۾ انويسٽمينٽ ڏياري آهي پر گجرات صوبي ۽ انڊين حڪومت کي مفت ۾ ڪمائي ڏنو آهي. ملڪن جو اميج ماڻهو ٺاهيندا آهن، پاڪستاني ماڻهو رڳو چوري ٺڳي نفرت شدت پسندي ۽ سياست ۾ فوجي مداخلت سبب پوري دنيا ۾ خوار ٿي رهيا آهن. جنهن تي دلاور حسين کوسو لکيو ته اسان جي سڄي ملڪ ۾ايترو پئسو ناھي جيترو امباني شادي ۾ خرچ ڪيو ھاڻي ھنن کي ڪھڙي خبر ته انويسٽمينٽ ڇا ٿيندي ھي رڳو چوري ٺڳي ڄاڻين ٿا ٻيو جتي خالي زمين ملي بس ڊي ايڇ اي ٺاھڻو آ ھنن کي، محمد حنيف عباسي لکيو ته چوري، ڪرپشن ۽ پنڻ ۾ نالو ڪمايو آهي، صدام جمالي لکيو ته خاص ڪري سيڪيورٽي جي حوالي سان بل گيٽس ھڪ عام چانھه واري جي ريڙھي تي بنا سيڪيورٽي جي چانھه پي دنيا جي نظر انڊيا جي امن امان جي طرف متوجھه ڪئي آهي، وحيد مگسي لکيو ته انڊيا اسٽاڪ ايڪسچينج کلندي ئي امباني ڪمپني ريلائنس جي شيئر جي قيمت 12 رپيا وڌي وئي، شادي ۾ جيڪو خرچ ڪيائين هڪ ڪلاڪ ۾ ڪمايائين ان کي بزنس چئبو آهي، مشتاق احمد لکيو ته ھڪ ڌڪ ٻه ڪم ھڪ شادي جا چرچا مختلف ملڪن ۾ ۽ ڪمائي جو بھترين طريقو يوز ڪيو، ذوالفقار عامر لکيو ته امباني هتي هجي ها ته ڪرپشن جا ڪيس مٿس هجن ها، سنيل ڪمار لکيو ته ايئن ترقي ٿيندي آهي، خليل سنڌي لکيو ته الائي ڪنهن کي پيا سمجهايو اسان پاڪستاني اهڙن ڳالهين تي غور ئي ناهيون ڪندا، سڪندر اوڏ، نندلال ماڻڪ به پوسٽ سان اتفاق ڪيو. اميت گيهاني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي اڄڪلهه ڄام نگر جي امباڻي جي رٽ لڳايو ويٺا آهن انهن کي خبر هجي ته اگر سنڌ جي واڻين کي اڄ جي جديد دنيا ۾ آزادي سان ڪاروبار ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته پوري دنيا جو پئسو سنڌ ۾ هجي ها پر انهن سنڌ جي وڏيرن پيرن ميرن مذهب جي آڙ وٺي تڙي ڪڍرايو، اڄ پوري سنڌ پن منگ تي گذارو پئي ڪري، پراڻي سنڌ جتي اوطاقون مفت هلنديون هيون تڏهن به نه دولت ۾ ڪمي آئي نه سنڌ هن وقت وانگر پنندي هئي.سنڌ پنهنجي سماج کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو.جڏهن افلاطون جديد رياست جو بنياد وجھي پيشه ورهائي رهيو ته رياست جا فوجي الڳ هوندا، واپاري الڳ هوندا، ڪرت هنر جا الڳ الڳ ماڻهو رکيا ويندا. اهڙي رياست سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي قائم ٿيل هئي،واپار جو ذمو سنڌي ديوانن تي هو  ته باقي ڌوٻي، ڪنڀر حجم هر ڪو پنهنجو پنهنجو ڪم ۾ لڳل هو. ڀورا ڀورا ٿيل سنڌي سماج هن وقت پنهنجي جيئاپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي. همٿ مغيري به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي اڪرم خاصخيلي لکيو ته امباني سنڌي ناهن اهي گجراتي آهن، انجنيئر پرديپ ڪالاڻي لکيو ته جڏهن اسان چئون ٿا سنڌي دنيا جي 6 نمبر شاهوڪار قوم آهي ته اها امباني جهڙن واپارين جي ڪري آهي، ڪنور چاولا لکيو ته جيترا مير پير سردار ان جا زميوار آھن اوترا اسان جي سنڌ ڌرتي جا سنڌ پرست ليڊر به آھن اگر سنڌ پرست ليڊر ھندن جو ساٿ ڏين ھا ته اڄ اسان جي سنڌ تي ڌاريا اچي طاقتور نه بڻجن ھا پوءِ به سنڌ کان پري رھندڙ سنڌي اڄ به پنھنجي خوشي جي موقعي تي (جئي منھنجي سنڌ) جي گيت تي نچندا آھن جنھن مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته ھندن کان زبردستي سنڌ ڇڏرائي وئي آهي، هيمراج لکيو ته گانڌي چيو هو ته مون کي وڏو ڏک ٿيو ته برصغير جا ٻه ٽڪر ٿيا پر خوشي به ٿي، خوشي ان ڳالهه جي ته بکيا ويا پاڪستان ۾، امير آيا هندستان ۾ جيڪي ترقي ڏياريندا. شاهد حسين مڱريو لکيو ته سنڌي ھندو ٿوري ھمت ڏيکارين ھان ان وقت ايترو جلدي سنڌ ڌرتي نه ڇڏي پئي سگھيا، ڪاروباري سڀ سنڌي ھندو ھئا، اعليٰ تعليم ۾ وڏو تعداد سنڌي ھندن جو ھو، آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي ڄام نگر جي مڪيش امباڻي جي ملڪيت جا چرچا آهن پر سچ اهو آهي ته ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين اگر سنڌ جي واڻين کي آزادي سان ڪاروبار ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته پوري دنيا جو پئسو سنڌ ۾ هجي ها.  پر انهن ديس ڌڻي سنڌي واڻين کي وڏيرن پيرن ميرن مذهب جي آڙ وٺي تڙي ڪڍرايو اڄ پوري سنڌ جي حالت توهان جي سامهون آهي، ڀورا ڀورا ٿيل سنڌي سماج هن وقت پنهنجي جيئاپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.