سوال/سروي … سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ڏئي نا انصافي ڪئي وئي: عوام

0
32

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملنديون، اليڪشن ڪميشن ٻين پارٽين کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو حڪم ڏنو: ان تي اوهان ڇا چوندا؟ ڇا پي ٽي آءِ جون مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ملڻ درست عمل آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ نا انصافي آهي، آصف زرداري صدارتي اميدوار آهي ان کي فائدو ڏيڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڏنو ويو آهي، سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته سني اتحاد کي مخصوص سيٽون نه ڏئي سٺو فيصلو ڪيو ويو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته هي فيصلو ناانصافي تي ٻڌل آهي هڪ سياسي جماعت سان ادارن جو هي رويو انتهائي خطرناڪ آهي جيڪو رياست ۽ عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪندو ملڪ جي وڏي سياسي جماعت کي ديوار سان لڳائڻ غلط عمل آهي، گل حسن شر لکيو ته مخصوص سيٽون جنرل سيٽن جي حساب سان پارٽين کي ڏنيون وينديون آھن پوءِ خبر ناھي ڪھڙي سبب جي ڪري ھڪ پارٽي کي نه پيون ملن؟

جمال الدين لکيو ته آئين جي خلاف ورزي آھي، تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي شموليت کان پوءِ سني اتحاد ڪائونسل ھڪ پارلياماني جماعت ٿي وئي آهي، اليڪشن کان پھرين جيڪا مخصوص سيٽن جي لسٽ تحريڪ انصاف جمع ڪرائي ھئي اھا ئي لسٽ سني اتحاد ڪائونسل جي ئي آھي، ڇوته تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ۾ اڳ ئي اتحادي طور تي بيٺا ھئا، اليڪشن ڪميشن ان سان سڌو سنئون فائدو صدارتي اليڪشن ۾ آصف زرداري کي ڏئي رھي آھي، ڇوته مخصوص نشستون ملڻ سان سني اتحاد ڪائونسل جي صدارتي ووٽن جو تعداد وڌي ويندو ۽ زرداري جي ھارائڻ جا چٽا امڪان آھن، اليڪشن ڪميشن ھٿ وٺي ڪري ملڪ ۾ آئيني ۽ سياسي بحران کي وڌائي رهي آهي، آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ ان جي تمام ميمبرن بشمول چيئرمين تي آرٽيڪل ڇھه لڳل گھرجي،

نقاش پيرزادو لکيو ته اليڪشن ڪميشن نه ڪرپشن ڪميشن چئو جنھن پاڪستان ۾ 2024 جون چونڊون مڪمل ڌانڌلي ۽ ناڪام ڪرايون مخصوص سيٽون اليڪشن ڪميشن جي ھٿ ۾ ڏيڻ ناھن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته اليڪشن ڪميشن اهو ڪندي جيڪو وڏي سرڪار چاهيندي،اهو پارٽي اڳواڻن ۽ سپورٽن جي دل آزاري وارو فيصلو آهي هر شئي جائز آهي مرضي وڏي سرڪار جي،

خميسو آريسر لکيو ته ناانصافي آهي. مونکي افسوس ان ڳالهه تي آهي، فقير ڪامران علي لکيو ته سڄو ٽوپي ڊرامو آهي، اسد زرداري لکيو ته مخصوس سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گھرجن ۽ پي ٽي آءِ جون جيڪي حمائتي پارٽيون آھن انھن کي مخصوس سيٽون آئيني حق آھي پر اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ناانصافي تي ٻڌل آهي، اليڪشن ڪميشن ھاڻ صرف سليڪشن ڪميشن بڻجي وئي آهي، وحيد مگسي لکيو ته اليڪشن ڪميشن نه بلڪه سليڪشن ڪميشن آهي، مخصوص سيٽون نه ملڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ سني اتحاد کي نقصان ٿيندو، اهو فيصلو سراسر غلط ۽ غير آئيني آھي، ميانداد مري لکيو ته اليڪشن ڪميشن نه بلڪه سليڪشن ڪميشن ٿي وئي آهي، مخصوص سيٽون نه ملڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ سني اتحاد کي نقصان ٿيندو اهو فيصلو سراسر غلط ۽ غير آئيني آھي، فرحان ميمڻ به سروي ۾ حصو ورتو،راحب علي گهنڃو لکيو ته بلڪل سهي فيصلو آ ملڪ کي انهن جي ضرورت ناهي، زوهيب لاڙڪ لکيو ته سراسر ظلم آهي، آئين جي ڀڃڪڙي آهي،

 آصف علي لکيو ته سني اتحاد ڪائونسل سان ناانصافي ٿي آهي، محمد حسين لکيو ته سڄي ملڪ ۾ڪرپشن، هنن کي سيٽون نه مليون ڪهڙو فرق پوندو، نثار احمد لنڊ لکيو ته ھن ملڪ ۾ انصاف گھرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آ ھي، حبيب رحمان صوفي لکيو ته فيصلو ناانصافي تي ٻڌل آھي، صديق احمد سهندڙو لکيو ته مخصوص سيٽن جو نه ڏيڻ اهيو سراسر نا انصافي آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ها ته اهڙو فيصلو نه ڏي ها، اليڪشن ڪميشن پهرين شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو هاڻي نا انصافي تي مبني فيصلو ٻڌايو اٿئون، چيف اليڪشن ڪمشنر کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. شاهد علي چانڊيو لکيو ته غلط فيصلو ڏنو ويو آهي، ثناءُالله مشوري لکيو ته ھن ملڪ ۾ اليڪشن صرف نالو آ باقي سليڪشن ٿيندي آ سو انھي طرح سڄو سسٽم ائين ئي ھلي پيو، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته اها سنئين سڌي ناانصافي آهي، جيوت رام لکيو ته پاڪستان ۾ سڀ ڪجھه ٿي سگھي ٿو، احسان جوڻيجو افسوس جو اظهار ڪيو.