مڪاني چونڊ وقت تي ئي ٿيندي، پ پ کٽيندي: محمد علي ملڪاڻي

0
215
مڪاني چونڊ وقت تي

چوھڙجمالي(ن پ ا) بلدياتي چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون سجاول ضلعي مان پيپلز پارٽي جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان سوڀارا ٿيندا

چوھڙجمالي شھر ۾ گھر گھر الڪيشن ورڪ شروع ڪنداسين اھڙو اظھار پيپلز پارٽي ضلعي سجاول جي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي پ پ اميدوارن سان گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي ڪيو

ھن وڌيڪ چيو تہ مڪاني چونڊون پنھنجي مقرر تاريخ تي ٿينديون پاڪستان پيپلز پارٽي جا سمورا اميدوار اليڪشن ورڪ جاري رکن شھر ۾ گھر گھر ورڪ شروع ڪبو 20 جولائي تي چوھڙجمالي شھر ۾ وڏي ريلي ڪڍي ويندي . ھن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي جمھوري پارٽي آھي جيڪا ھر وقت ھتان جي عوام سان ھر وقت ڏک سک ۾ گڏ رھي آھي

عوام پاران ھر ڀيري سٺي موٽ ڏيندي ڪامياب ڪيو آھي . 24 جولائي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا سجاول ضلع مان سمورا اميدوار ڀاري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا

ان موقعي تي سيٺ محمد ميمڻ چاند رائيس مل ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ  پ پ اميدوار علي اصغر جمالي سڪندر اعظم ميمڻ . شڪيل احمد کٽي . محمد عثمان ميمڻ . ھوت خان سنجراڻي . رياض احمد سسيو . دين محمد ملاح ٻيا موجود ھئا

ھي به پڙھندا

مٽياري ۾ خونريزي جو خدشو: جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف مڪاني چونڊن ۾ فوج مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيو