مٽياري ۾ خونريزي جو خدشو: جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف مڪاني چونڊن ۾ فوج مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
208
مٽياري ۾ خونريزي جو خدشو:

مٽياري (رپورٽر) يونين ڪائونسل مٽياري تان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اميدوارن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اميدوار پي ٽي آءِ ضلعي مٽياري جي جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق کوسو چيئرمين جي اميدوار جي ڊي اي اڳواڻ حافظ عزيز الله جکريجو وائيس چيئرمين

جي اميدوار ايڊووڪيٽ مقبول کوسو ۽ جنرل ڪائونسلرن واحد بخش جکريجو ۽ منور خشڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته يونين ڪائونسل مٽياري تان اسان پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اتحاد سان گڏيل طور اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيا آھيون پر جيئن ئي اسان اليڪشن جا نامزدگي فارم ڀريا آھن ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اسان کي مختلف ھيلن بھانن سان اليڪشن کان ٻاھر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آھن

 اسان جي اميدوارن کي مختلف طريقن سان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جيئين ته پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت ۾ آھي ان ڪري اسان کي خدشو آهي ته مخالف سرڪاري مشينري به استعمال ڪري سگھن ٿا جيڪي اسان جي دانھن ۽ درخواستن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ڇڏين

اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان نٿا چاھيون ته اليڪشن ۾ ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي اليڪشن ھڪڙي ڏينھن ٿي ويندي پر اسان نٿا چاھيون ته پوءِ اسان سڀ سالن تائين ان کي لوڙيون

اسان چيف جسٽس آف پاڪستان . چيف اليڪشن ڪمشنر . ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر  آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي پوري يونين ڪائونسل جي پولنگن کي انتھائي حساس قرار ڏئي فوج ۽ رينجرس مقرر ڪئي وڃي ته جيئين پولنگ جو عمل امن امان سان گذري وڃي