گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان اي  سيڪش ٿاڻي جي حد ڳوٺ داد ڳڙهي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾  پراڻي ڪارنهن معاملي تان جھيڙو  ٿي پيو،  جھيڙي دوران فائرنگ ۾  وقار احمد ميراڻي، جڏهن ته لٺيون لڳڻ سبب امير ميراڻي ۽ عمران علي ميراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمي امير علي ميراڻي جو چوڻ ھو ته برادري جي جوابدارن رستي ۾ روڪي اسان مٿان حملو ڪيو ۽ گولي هڻي ڀاءُ وقار احمد کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.