ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواھ گورچاڻي ڀرسان جمڙائوڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو اڌ لاش هٿ، خبر موجب  جمڙائو ڪينال ۾ آرڊي 160 وٽان اڻڄاتل شخص جو لاش لڙهندڙ ڏسي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍي سنجر چانگ پوليس کي اطلاع ڏنو، لاش جو مٿيون ڌڙ ڪٽيل هو رڳو چيلهه کان هيٺ وارو حصو هو، جنهن ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لاش ڪيترا ئي ڪلاڪ پوليس جي آسري ۾ واقعي واري هنڌ اس ۾ پيل رهيو، جنهن پکي پٽيندا رهيا ۽ لاش جي تذليل ٿيندي رهي، حد بندي جي تڪرار سبب نيٺ ميرواھ گورچاڻي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جو مٿيون حصو ڪٽيل هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي، هوڏانهن ذريعن موجب ساڳي ئي لاش جو مٿيون حصو ڊگهڙي ٿاڻي جي حد جمڙائو ڪئنال ۾ لڙهي موري ڀرسان پوليس کي هٿ آيو آهي، جنهن جي سسي توڙي ھيٺيون ڌڙ ۽ هڪ ٻانهن ڪپيل آهي، واضح رهي ته جمڙائو ڪئنال منجهان ٽن ڏينهن ۾ هي ٻيو لاش هٿ ڪيو ويو آهي،