سيوهڻ ۾ پ پ اڳواڻن جي رستا روڪ ڪندڙ اميدوار گرفتار

0
228
سيوهڻ ۾ پ پ اڳواڻن جي

سيوھڻ (ن پ ا) سيوهڻ جي يوسي جھانگارا جي ڳوٺ نگاول ۾ مڪاني چونڊن لاء ورڪ تي نڪتل پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ اميدوارن جي رستا روڪ ڪرڻ تي ايس يو اڳواڻ غفور نوحاڻي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

گرفتاري خلاف ايس يو پي جي ضلعي صدر درياه خان لغاري، تعلقا صدر محمد نواز رند، شبير ٻرڙو، نور خان نوحاڻي، اصغر سولنگي، مريد خان بروهي، ۽ ايس يو پي ڪارڪنن سان گڏ پريس ڪلب سيوھڻ پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو

هنن الزام ھنيو ته نوحاڻي برادري جو سردار ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اسان جي ساٿي اڳواڻ ۽ جھانگارا يوسي جي ضلعي ميمبر جي سيٽ تي بيٺل اميدوار غفور نوحاڻي جي ڪاميابي ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي

۽ ان کي ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪايو آهي جنهن بعد ان جي مٿان نئينگ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پ پ ايم اين اي پاڻ ورڪ ڪري اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آهي

اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ٿيل پارٽي اميدوار غفور نوحاڻي تي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري ضلعي ۽ پوء سموري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

مٽياري ۾ خونريزي جو خدشو: جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف مڪاني چونڊن ۾ فوج مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيو