مڪاني چونڊون انوکو ٽڪراءَ – ماهه نور شيخ

0
103
مڪاني چونڊون انوکو ٽڪراءَ - ماهه نور شيخ

سوشل ميڊيا تي چيو ويو آهي ته تاريخ ۾ استادن ،شاگردن ۽ روايتي سياستدانن جي وچ ۾ ھي پھريون ۽ پنھنجي نوعيت جو انوکو ٽڪراءَ ھوندو، ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 14 تي عورت سماجي اڳواڻ ماھه نور شيخ جو فارم بحال ٿي ويو آھي. ماھه نور جھڙين پڙھيل لکيل، سڄاڻ عورتن جو بلدياتي چونڊن ۾ بيھڻ ھڪ سٺو سنوڻ آھي. وارڊ نمبر 14 جي ووٽرن اڳ ۾ وڏيرن کي گھڻو آزمايو آھي.  آگاهي اسٽڊي سرڪل جي روح روان ماهه نور شيخ اميدوار وارڊ نمبر 14 ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز تي اميدوار آهي، روايتي، مدي خارج، نااهل ڳچي ۾ ڦاٿل سسٽم مان جان ڇڏائڻ لاءِ سٺي اميدوار جي چونڊ ڪئي وڃي، گھٽ ۾ گھٽ اھڙن ڪردارن کي ضرور چونڊيو، جيڪي اوھانجي بھتر تعليم، صاف سٿري ماحول ۽ بنيادي سھولتن لا  هر وقت ميدان عمل ۾ ھجن. اوھانکي اوھانجون بنيادي سھولتون ڏيارڻ ۾ تڪڙو بھتر ۽ وقتائتو ڪردار ادا ڪري سگھي.