مٽياري (رپورٽر) پبلڪ هيلٿ کاتي پاران 30 لکن جي ماليت سان جوڙيل صاحب سمان واٽر سپلاءِ اسڪيم مان عوام لاڀ حاصل نه ڪيو، 250 کان مٿي گهر واٽر سپلاءِ جي پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ آتا، جر جو زهريلو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، مٽياري پبلڪ هيلٿ کاتي پاران پيپلز پارٽي ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان جي اڳوڻي دور جي بجيٽ مان 20 کان 25 لک روپين جي ماليت سان ڳوٺ صاحب سمان ۽ ميمڻ ٽائون جي 250 سوءُ کان مٿي گهرن کي واٽر سپلاءِ جو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ صاحب سمان واٽر سپلاءِ اسڪيم تٿمير ڪرائي وئي هئي جنهن کي اندازن 8 سال مڪمل ٿيندي گذري ويا آهن پر اڃا تائين اها اسڪيم فنڪشنل نه ٿي سگهي آهي ان مان عوام کي ڪو به لاڀ حاصل نه ٿيو آهي ان ڏس ۾ ڳوٺ صاحب سمان ۽ ميمڻ ٽائون جي رهواسين مقبول، نظام، حفيظ، آفتاب ۽ ٻين روزاني پنهجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته اٺ سال اڳ اها اسڪيم ٺهي ۽ ٽي سال اڳ پائيپ لائين به وڇائي وئي پر اڃا تائين ان کي چالو نه ڪيو ويو ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان ته موٽر ۽ هيوي مشينري به گم آهي ٺاهيل تلاءُ به گندو ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته واٽر سپلاءِ اسڪيم چالو نه ٿيڻ سبب اسان مجبوري تحت جر جو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهيون اسان بار بار پبلڪ هيلٿ کاتي واران کي درخواستون ڏنيون آهن ته اسڪيم کي فنڪشنل ڪيو وڃي پر هتي ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي جرجو پاڻي استعمال ڪرڻ سان اسان جي علائقي ۾ ڪيترين ئي موذي مرضن ڪر کنيو آهي ۽ اسان جي ٻارڙن کي خاص ڪري پيٽ سور ۽ چمڙي جي بيماري رهي ٿي اسان وڏي وزير ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي وزير کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور تي اسانجي اسڪيم چالو ڪرائي اسان کي واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي نه ته اسان ايندڙ پوليو مهم جو به بائيڪاٽ ڪنداسون جنهن جي ذميوار حڪومت هوندي. هوڏانهن پبلڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ميمڻ ٽائون ۾ پائيپ لائين وڇائي وئي آهي باقي ڳوٺ صاحب سمان جلد پائيپ لائين وڇائي ويندي جنهن بعد ان اسڪيم کي چالو ڪري پاڻي فراهم ڪيو ويندو.