ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو جي شهرين مسلسل شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿيل بحران خلاف 38 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ٺٽي آڏو ٺٽو ، ڪراچي قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪري پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ٺٽي جي شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي ، دلاور شيخ ، اسد الله شاھ ، لالا غفار ، حافظ عباسي ، ڊاڪٽر ولي جاکرو ، عرفان ميرجت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جي پيدا ٿيل پاڻي جي شديد بحران خلاف 38 هين ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي اچي روزانو پريس ڪلب آڏو اچي قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي احتجاج پيا ڪن پر هن مهل تائين شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي مستقل بنيادن تي فراهمي ناهي ڪئي وئي جنهنڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيندي ڳري اگھن تي پاڻي خريد ڪري واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن هنن چيو ته شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي لاڳيتي کوٽ ڪري غريب ۽ پورهيت شهري جي گھرن ۾ پاڻي جي اچڻ ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن جڏهن ته هنن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته ٺٽي جي شهرين کي ڪينجھر ڍنڍ مان نڪرندڙ واھ ڪي ڊي اي مان پيئڻ جي پاڻي جي مستقل بنيادن تي پاڻي جي فراهمي نٿي ڪئي وڃي تيستائين سندن احتجاج جو سلسلو پڻ جاري رهندو