ميان صاحب( ن پ ا) ميان صاحب ويجهو شادي شده عورت اغوا مائٽن جو احتجاج ڳوٺ زرخيل مان 6 هٿياربند  سويرا زال طارق علي جهلڻ کي اغوا ڪري ويا واقعي خلاف سويرا جي مڙس سميت ٻين مائٽن  احتجاج ڪيو هنن ٻڌايو ته سويره کي اسدالله جھلڻ، غلام مصطفي جھلڻ، غلام مرتضي جھلڻ سميت ٻيا هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي تنهن باوجود ڪا مدد نه پئي ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سويرا کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ميان صاحب ٿاڻي جي ايس ايڇ او قربان علي ککراڻي چيو ته اهڙو اطلاع اسان کي نه مليو آهي نه ئي ڪو ٿاڻي تي فريادي پهتو آهي.