”ميونسپل ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ جمع ڪري!“ سنڌ حڪومت نيپرا کي خط لکي ڇڏيو

0
171
ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ جمع ڪري
”ميونسپل ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ جمع ڪري!“ سنڌ حڪومت نيپرا کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي توانائي واري کاتي نيپرا کي خط لکي چيو آهي ته ميونسپل ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي وڃي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ماهوار بل ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي لاءِ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڪي ايم سي مالي بحران جو شڪار آهي،

ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ معاونت ڪئي وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ مشروط طور تي ميونسپل ٽيڪس گڏ ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، نيپرا جي اجازت کانپوءِ ماهوار ميونسپل ٽيڪس بجلي جي بل ۾ شامل ڪيو ويندو.