ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ زبيرسمون نامعلوم ماڻهن هٿان کنڀجي ويو آهي. تحريڪ انصاف ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري نياز علي ٻرڙو رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته زبير سمون ميهڙ شهر ۾ تحريڪ انصاف جو سرگرم ڪارڪن آهي جيڪو سنڌ هاء ڪورٽ سميت ٻين ڪورٽن ۾ شهر ۾ فحاشي ،جوا جا اڏا هلائيندڙن خلاف ۽ ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ ،تعلقا اسپتال ميهڙ ۾ مبينا طور ٿيندڙ ڪرپشن ۽ ٻين سماجي براين خلاف پٽيشنون داخل ڪري قانوني جنگ وڙهي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته زبير سمون کي ڪاله صبح جو 12 بجي ڪورٽ سڳوري ٻاهران نامعلوم جوابدارکنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي ڳولا باوجود هن جو ڏس پتو نٿو ملي هن خدشو ظاهر ڪيو ته زبير سمون کي انهن ماڻهن اغوا ڪرائي گم ڪيو آهي جنهن جي خلاف هو ڪورٽ سڳوري ۾ پٽيشنون داخل ڪري عدالتي ويڙهه وڙهي رهيو آهي. هن چتاء ڏنو ته زبير سمون کي پوليس فوري طور بازياب ڪرائي ٻي صورت ۾ شهر ۾ سماجي برايون فهلائيندڙ انهن جي سرپرستي ڪندڙن خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.