ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ سانوڻ لاشاري واسي ٻن نوجوانن اسد لاشاري کي ميرپورماٿيلو ۽ نظير لاشاري کي واڳڻي مان نامعلوم ڪار سوار کنڀي ويا. نوجوان اسد جي پيءُ بشير لاشاري جو چوڻ هو ته منھنجي پٽ اسد لاشاري کي ڪنھن فون ڪئي ته شھر اچ جتان ڪار سوار کنڀي ويا آھن، ٻنهي نوجوانن کي واڳڻي مان کنيو ويو آھي، هن چيو ته سرحد، ميرپورماٿيلو ۽ ٻيلو ميرپور پوليس کي اطلاع ڪيو آھي، معلوم ناھي پٽ ۽ ٻئي نوجوان کي ڪنھن کنڀيو آھي؟