موسميات کاتي طرفان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جمعي تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي

0
439

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) موسميات کاتي طرفان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جمعي تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي، اڄ شام جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جا امڪان، چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ چئن ڏينهن تائين برساتي سلسلو جاري رهندو، موجوده برساتي اسپيل سڄي ملڪ جي 70 سيڪڙو حصي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، هندي سمنڊ ۾ به هوا جو دٻاءُ موجود آهي، اُن جو برساتي سلسلو 14 کان 15 جولاءِ تائين سنڌ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.