پيرجوڳوٺ/ احمدپور ( نمائندن وٽان ) ڳوٺ عبدالله ناريجو ۾ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين خظراڻي پاڙي جي غلام اصغر ناريجو ۽ هشامي پاڙي جي علي گل ناريجو جي زمين جي مالڪي ۽ مخبري تان هلندڙ خوني تڪرار جو ڪراچي ۾ مير منظور حسين پنهور جي رهائشگاهه تي فيصلو ٿيو، ڌرين جي مشيرن عابد جتوئي، سڪندر علي شاهه، نجم الدين ڪماريو، ڪريم ڏنو بڊاڻي ۽ ناريجا برادري جي سردار حاجي ميرل ناريجو شرڪت ڪئي. فيصلي ۾ غلام اصغر ناريجو جي ڌر تي 7 ۽ علي گل ناريجو واري ڌر تي 8 خون ثابت ٿيا، في خون جي 15 لک رپيا بها مقرر ڪئي وئي، زخمين جو 4 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته هر خون جو معاوضو مقتول جي وارثن کي ڏنو ويندو ۽ زخمين کي ڏنڊ جي رقم ڏني ويندي جڏهن ته فيصلي جي فتويٰ قرآن شريف سامهون رکي ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن کي ويهاري ٻڌائي وئي، مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 61 لک رپيا جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي، جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويو ۽ اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو فيصلي جي فتوا ٻڌائڻ کانپوءِ ڌرين جي ماڻهن ۾ خوشي لهر ڇائنجي وئي.