موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ جو آبادگار

0
200

شوڪت سومرو

 ماحولياتي ماهرن مطابق صنعتي انقلاب سبب پوري دنيا گذريل اڍائي سئو سالن ۾ هڪ ڊگري سينٽي گريڊ گرم ٿي چڪي آهي، جنهن جو نتيجو گذريل سال پاڪستان ۾ آيل آفت ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ گرمي پد ۾ رڪارڊ اضافي طور ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي تازو شايع ٿيل رپورٽ مطابق پاڪستان جو گرمي پد معمول کان ٻه اڍائي ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم ٿي ويو آهي ۽ اهو گرمي پد ايستائين وڌندو رهندو، جيستائين اسان ماحول ۾ گرين هائوس گئسون خارج ڪندا رهنداسين. تازو ئي موسمياتي تبديلين سبب هلندڙ سال هيٽ ويو جو امڪان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 30 دفعا وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته مارچ کان مئي تائين شديد گرمي جي اڳڪٿي پڻ ڪئي ويئي آهي. ماهرن مطابق هلندڙ سال مارچ جي ٻئي هفتي کان برساتون پڻ پونديون، ڇو ته فيبروري گرم ۽ خشڪ مهينو گذريو آهي، جنهن سبب برساتن جو امڪان پڻ وڌي ويو آهي. پوئين سال به گرمي جلدي اچڻ سبب اپريل ۽ مئي گرم ۽ خشڪ مهينا گذريا هئا، جنهن سبب جون کان سيپٽمبر تائين مسلسل برساتن جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سان سنڌ جي اترئين علائقن ۾ ٻوڏ اچي ويئي ۽ آبادگارن سميت عام شهري سخت متاثر ٿيا جن جي اڃا تائين بحالي ممڪن ناهي ٿي سگهي. پاڪستان جي موسميات کاتي پاران ڄاڻايو ويو آهي ته معمول کان زياده گرمي جي سبب ربيع جي فصل، خاص طور تي ڪڻڪ جي فصل تي موسم جا ناڪاري اثر پوندا، جڏهن ته مارچ جي مهيني ۾ پاڻي جي گهرج نه هئڻ باوجود برساتن سبب ڪڻڪ جي فصل ۾ پاڻي زياده ٿيڻ به نقصانڪار ثابت ٿيندو..

مٿي ڄاڻايل موسمياتي تبديلين واري صورتحال ۾ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ هن وقت تيار بيٺل ڪڻڪ جو فصل سخت متاثر ٿي سگهي ٿو، سخت گرمي سبب ڪڻڪ جو فصل وقت کان اڳ ڪٽائي لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ لاباري وقت برساتون پوڻ ڪڻڪ جي فصل لاءِ نقصانڪار آهن، سنڌ ۾ هن وقت جتي ڪڻڪ جو فصل تياري واري مرحلي ۾ آهي، اتي فصل کي مختلف قسم جو مرض لڳڻ شروع ٿي ويو آهي. مقامي آبادگار انهيءُ مرض کي رتي سڏين ٿا، جنهن سان فصل جي پاڙ کان ان جي ڪاٺي ۽ پن سڙي رهيا آهن، جڏهن ته تيار ٿيل سنگ اڇو ٿي سڙي رهيو آهي. مقامي زرعي ماهر ان بيماريءَ کي موسمي تبديلي جو اثر ڪوٺين ٿا ۽ آبادگارن کي زرعي دوائن جي ڦوهاري جو مشورو ڏنو پيو وڃي..

ڏٺو وڃي ته ربيع جي مند ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ سان گڏ سورج مکي، سرنهن، جوَ، توريو ۽ ٻيا فصل پوکيا ويا، جن جي پوکي ڪافي سببن جي ڪري آبادگارن لاءِ اڳي ئي مشڪل بڻيل آهي. هتي جو آبادگار ڪڻڪ، سورج مکي جي ٻج جي اڻاٺ، مهانگي اگهه تي ۽ بليڪ تي وڪري کي منهن ڏيندو رهي ٿو، جنهن سبب هلندڙ سال ڪڻڪ جو ٻج في 50 ڪلو 6000 کان 8000 رپيا، سورج مکي جو ٻج ڏھ ھزار رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، جڏهن  ته ڊيزل جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب زمين جي کيڙي آبادگار جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، اتي ئي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ آبادگارن لاءِ فصل جي پوکي ۾ وڏا چئلينج بڻجي ويا ته مٿان وري موسمياتي تبديلين هڪ نئين مشڪل ڏانهن اشارو ڪري ڇڏيو آهي..

موسمياتي تبديلي ۽ آبادگارن کي درپيش چئلينج سبب ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ کاڄري تيل جي اگهن ۾ واڌ جا امڪان ظاهر ٿي رهيا آهن، جنهن سبب حڪومت کي انهن تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن. جتي پاڙيسري ملڪ جا زرعي، موسمي ۽ ماحولياتي ماهر تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن پٽاندڙ پنهجو پاڻ کي حالتن سان ٺهڪي زندگي گذارڻ جا گس ڳولهي رهيا آهن ۽ کاڌ خوراڪ جي امڪاني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين تي ڀاڙڻ بدران کاڌ خوراڪ جي سامان جي ايڪسپورٽ تي پابندي هڻي ڪڻڪ جي فصل جي وڌ کان وڌ پوکي لاءِ آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ سستي اگهه تي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن، اتي سنڌ جو آبادگار ڪڻڪ جي فصل جي پوکي کان وٺي ان جي مارڪيٽنگ تائين مقامي واپارين آڏو بيوس بڻيل آهي. خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي فصل جي خريداري جا مرڪز قائم نه ڪرڻ سبب مقامي واپاري مقرر اگهه کان گهٽ قيمت ۾ خريداري ڪرڻ، گهم سميت مختلف سبب ڄاڻائي وڏي ڪٽوتي ڪرڻ، ايڪتال ۽ ٻائيتال جا هٿرادو قانون جوڙي ڪٽوتي ڪرڻ سبب آبادگار خوشحال ٿيڻ بدران ويتر قرضي بڻجندو وڃي ٿو، جنهن سبب مقامي مسئلن ۾ ڦاٿل سنڌ جي آبادگار لاءِ پيش ايندڙ موسمياتي تبديلي وڏي خطرناڪ ثابت ٿيندي. جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته مارچ ۽ اپريل جي گرمي جو سڌو سنئون اثر ڪڻڪ جي فصل تي پوڻ سبب پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي فصل جي پيداوار ۾ 25 ميٽرڪ ٽن تائين گهٽتائي جو امڪان آهي