خطري ۾ ورتل جانورن ۽ ٻوٽن کي لڏپلاڻ جي ذريعي بچائڻ جي ڪوشش

0
125
خطري ۾ ورتل جانورن ۽ ٻوٽن کي لڏپلاڻ جي ذريعي بچائڻ جي ڪوشش

 ڇا اهو مناسب ٿيندو ته خطري ۾ پئجي ويل جانورن ۽ ٻوٽن کي ڪنهن ٻي محفوظ جاءِ تي منتقل ڪري بچايو وڃي؟ هڪ نئين جڳهه جتي اهي قدرتي طور تي نه لڀندا هجن؟ بهرحال، پراڻن مقامي انواع کي يورپ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بچايو ويو آهي.

                 خطري ۾ ورتل انواع کي بچائڻ جو اهڙو طريقو ڪافي عرصي کان ويچار هيٺ آهي. ان کان اڳ انهيءَ طريقي کي ڪافي تڪراري ۽ ممنوع سمجهيو ويندو هو. پر موسمياتي تبديليءَ جي تيزيءَ سان وڌندڙ منفي اثرن جي سبب ڪيترن ئي انواع جون قدرتي رهائشگاهون خطري ۾ پئجي ويون آهن. اهڙي صورتحال ۾ خاتمي جي خطري ۾ ورتل جانورن کي بچائڻ لاءِ انهن کي ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ وارو خيال زور وٺي رهيو آهي.

                 ان قسم جي هڪ ڪوشش آمريڪا جي هوائي واري علائقي ۾ ڪئي پئي وڃي. هتي سمنڊ جي پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سبب سامونڊي پکين جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. انهن پکين کي بچائڻ لاءِ سائنسدان انهن انواع کي سوين ميل پري هڪ نئين ٻيٽ تي منتقل ڪري رهيا آهن. اهڙو تجربو هن وقت اتر اوڀر هوائي ۾ ٽرن ٻيٽ تي ”ٽريسٽرمس اسٽارم پيٽريل“ کي بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. ”ٽريسٽرمس اسٽارم پيٽريل“ هوائي  واري علائقي جي سامونڊي پکين جو هڪ قسم آهي. هي ٻيٽ سمنڊ جي سطح کان فقط ڇهه فوٽ اوچو آهي.

805 ڪلوميٽر پري هوائي ۾ اٽڪل 40 چوزن کي اوواهو منتقل ڪيو ويو آهي. انهن چوزن لاءِ اتي مصنوعي کڏون کوٽيون ويون آهن. ٻين ڪيترن ئي پکين، ڪرڙين، پوپٽن ۽ ايتريقدر جو گلن کي بچائڻ لاءِ ساڳي طرح جي بحاليءَ واري مهم جو مشورو ڏنو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ٽريسٽرمس اسٽارم پيٽريل سان لاڳاپيل مهم جي ڪاميابي مستقبل ۾ اهڙين ڪوششن لاءِ هڪ نئون رستو کولي سگهي ٿي.

ايرڪ وينڊرويرف غير سرڪاري تنظيم ”پئسفڪ رم ڪنزرويشن“ ۾ حياتيات جو ماهر آهي. هن مهم جي باري ۾ ڳالهائيندي، هو وضاحت ڪري ٿو، ”ٽرن ٻيٽ لڙھي رهيو آهي. موسمياتي تبديلي ان قسم جي طريقن جي ضرورت کي وڌائي رهي آهي جهڙوڪ ڪنهن نوع کي ان جي روايتي علائقائي حد کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جهڙا قدم کڻڻ.“

اهڙيءَ طرح گرميءَ جي تبديليءَ جو عمل اڳي به ٿيندو رهيو آهي، پر تنهن جي باوجود اهڙي تبديلي آهستي آهستي صدين تائين ايندي رهي آهي. پر هاڻي ان جي مقابلي ۾ هن وقت، ڪجھه ئي ڏهاڪن جي دوران اسان وڏين تبديلين جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون.

بائيڊن انتظاميا طرفان آمريڪا جي خطري ۾ ورتل انواع جي ايڪٽ ۾ تبديلين جي رٿ پڻ ڏني وئي آهي. هڪ دفعو انهن تبديلين تي عمل ڪيو ويو ته پوءِ ڪن سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل انواع کي منتقل ڪرڻ وارو ڪم آسان ٿي ويندو. بهرحال، ان سان لاڳاپيل هڪ وڏو خدشو پڻ آهي. ڪيترن ئي ماحولياتي ماهرن جو خيال آهي ته جنهن ريت ٻوٽن ۽ جانورن جي معاملن ۾ مداخلت مقامي ماحوليات لاءِ خطرو بڻيل آهي، اهڙو ئي نقصان هن مهم مان به پهچي سگهي ٿو.

آمريڪا جي جهنگلي جيوت جي عملدارن ۽ سائنسدانن تجويز ڏني آهي ته هن مهم تحت موسمياتي تبديليءَ سبب خطري ۾ ورتل انواع جو فقط هڪ ننڍڙو حصو ئي اتان کان ٻئي طرف منتقل ڪيو وڃي. جڏهن ته اولهه جي صوبن ۾ ريپبلڪن پارٽي ان تجويز جي مخالفت ڪري رهي آهي. هو ان مسئلي جي باري ۾ اهو دليل ڏين ٿا ته مداخلت ڪندڙ انواع کي انهن جي قدرتي رهائشگاهن مان نيڪالي ڏيڻ هڪ ماحولياتي بحران پيدا ڪري سگهي ٿو. خطري ۾ ورتل انواع بابت ايڪٽ کي تبديل ڪرڻ واري تجويز جون 2023 ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.

پر هاڻي ان جي مقابلي ۾ هن وقت، ڪجھه ئي ڏهاڪن جي دوران اسان وڏين تبديلين جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون. جنهن جي ڪري ماحولياتي نظام تمام تيزي سان متاثر ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته، ”وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، اسان کي ان معاملي بابت به سوچڻو پوندو، جيڪو ڪيترن ماڻهن کي بيچين ڪري سگهي ٿو جو اهو چوڻ ته هي انواع ٺيڪ آهي ۽ هي انواع ٺيڪ نه آهي، اهڙو خيال ٺيڪ نه آهي.“

ٽريسٽرمس اسٽارم پيٽريل جي بچاءُ جي ڪوششن جي باري ۾ ڳالهائيندي، ايريڪ وانڊر ويرف وضاحت ڪري ٿو ته،”سائنسدانن کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان کان اڳ جو انهن جي آبادي ماحولياتي خطري جي سبب ختم ٿي وڃي. جيڪڏهن اسان جلد ئي ڪجهه نه ڪيو ته 30 سالن جي اندر اهي پکي بلڪل ئي ناياب ٿي ويندا.“

خيال رهي ته جاندارن کي پنهنجي روايتي رهائشن گاهن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ هن وقت تائين به عام رواج نه آهي.

آمريڪا جي جهنگلي جيوت اهلڪارن جانورن ۽ ٻوٽن جي ڪيترن ئي قسمن جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي موسمياتي تبديلي کان خطري ۾ آهن. پر في الحال انهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ آباد ڪرڻ جي ڪا به تجويز نه آهي. فش اينڊ وائلڊ لائف سروس جي ترجمان ڪيرين آرم اسٽرانگ وضاحت ڪندي چيو ته ”مستقبل ۾ موسمياتي تبديليءَ سبب ڪجهه انواعن جي رهائش جي حد ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. يا ٿي سگهي ٿو ته انهن جون موجوده رهائش گاهون حمله آور انواع جي ڦهلاءُ سبب انهن جي رهائش لاءِ موزون نه رهن. اسان سمجھون ٿا ته تجرباتي طور تي متعارف ٿيندڙ انواع کي انهن جي روايتي حدن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ هڪ امڪاني تحفظ جو طريقو ٿي سگهي ٿو.“جاري ڪوششن جي حصي طور، آمريڪي جهنگلي جيوت جا عملدار هڪ ٻي اهڙي تجويز تي غور ڪري رهيا آهن. اهو منصوبو گوام ۾ قدرتي طور تي پکين جي حوالي سان آهي. 1950ع ۾، نانگن جو هڪ مداخلت ڪار نوع هڪ فوجي ڪارگو ٻيڙي ذريعي گوام وڃي پهتو. برائون ٽري اسنيڪ نالي هن نسل جا نانگ آسٽريليا، انڊونيشيا ۽ پاپوا نيو گني جي ساحلي علائقن ۾ ملندا آهن. پر اهي گوام ۾ نه هوندا هئا. بعد وارن سالن ۾، انهن نانگن جي پکيڙ سبب، علائقي ۾ ڪنگ فشر پکين جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو. انهن جي حفاظت لاءِ گوام جي مقامي ڪنگ فشر پکين مان آخري 29 کي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پڪڙيو ويو. ان کان پوءِ، انهن کي هڪ محفوظ جاءِ تي پاليو ويو ۽ انهن جي نسل کي وڌايو ويو. هڪ تجويز تحت، هاڻي 9 ڪنگ فشرز کي، اٽڪل 6,000 ڪلوميٽر پري پالميرا ٻيٽ تي ڇڏڻ جو منصوبو آهي. جيڪڏهن هي لڏپلاڻ ڪامياب ٿي وڃي ٿي، ته اهي ڪنگ فشر انهن تمام ٿورن نسلن مان هڪ ٿي ويندا، جيڪي ”جهنگل ۾ معدوم ٿيڻ“ بدران ”شديد خطري واري درجي“ ۾ منتقل ٿي ويندا.