مورو (ن پ ا) مورو شھر جي پير پاڳارا ڪالوني، مھراڻ ڪالوني، سولنگي محلا سميت ٻين محلن جي رھواسين جو 06 مھينن کان لڳاتار الامين بلڊرز پاران گھٽي کي سوڙھو ڪرڻ خلاف ھلندڙ تڪرار جو ضياءِ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي، شهرين ۽ بلڊر اسلم امين آرائين کي لنجار ھائوس تي گھرائي ورتو جتي ٻنھي ڌرين جي ھلندڙ تڪرار جو فيصلو سندس نگراني ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جي امينن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد الامين بلڊرز کي پير پاڳارا ڪالوني سميت ٻين محلن جي رھواسين کي 12 فوٽ گھٽي جو رستو ڏيڻ جو پابند بڻايو ويو. فيصلي بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. ياد رھي ته پير پاڳارا ڪالوني، مھراڻ ڪالوني، سولنگي محلا سميت ٻين محلن جو الامين بلڊرز پاران گھٽي کي سوڙھو ڪرڻ واري معاملي تي گذريل 06 مھينن کان تڪرار ھلندڙ ھو.