ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي اختيارين بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا 14 سالن جي نينگر کي پائلٽ جي ٽريننگ ڏئي جهاز اڏائي پائلٽ ٿيڻ واري خواهش پوري ڪئي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي کارادر واري علائقي جي رهواسي پورهيت جو وڏو پٽ 14 سالن جو حظيفه بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا آهي. هڪ سماجي تنظيم ميڪ اي وش پاران بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا نينگر جي خواهش مطابق کيس پي آءِ اي جي مدد سان پائلٽ بڻايو ويو، ان ڏس ۾ پي آءِ اي جي سي اي او ارشد ملڪ چيو ته سماجي تنظيم انساني بنيادن تي اهڙن ٻارن جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري ٿي، نينگر جي پائلٽ ٿيڻ واري خواهش پوري ڪرڻ اسان لاءِ اعزاز آهي، ٻئي طرف سماجي تنظيم جي سي اي او اشتياق بيگ چيو ته اسان جي تنظيم دنيا جي 55 ملڪن ۾ ڪم ڪري ٿي، اسان مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٻارن جي خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، هڪ ڏينهن لاءِ پائلٽ ٿيل نينگر حظيفه ٻڌايو ته هو ڪجهه وقت اڳ پنهنجي ڏاڏي سان گڏ ايئرپورٽ ويو هو، جتي پائلٽ ۽ ٻيو عملو ڏسي منجهس پائلٽ ٿيڻ جي خواهش پيدا ٿي، جيڪا اڄ پوري ٿي آهي، انهي کان اڳ پائلٽ حظيفه کي پي آءِ اي جي سينيئر پائلٽ ۽ سي اي او پاران بيج لڳايا ويا، جڏهن ته هن کان ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز لينڊ ڪرائي سندس خواهش پوري ڪئي وئي.