مورو (ن پ ا) مورو شھر جي گچيرو روڊ تان نامعلوم چاٻي چور فياض ٻگھيو جي دڪان اڳيان بيٺل موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويو، جنھن بعد شهرين پيڇو ڪري چور کي موٽرسائيڪل سميت پڪڙي ورتو، جنھن جي سڃاڻپ رحيم عرف ٺوڙهو ماڇي طور ٿي، شهرين پڪڙيل چوري کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻي طرف نوجوان توفيق احمد پيرزادو، ڪاشف پيرزادو، اسد شيخ ۽ علي رحماني دادو مان خريداري ڪري واپس وڃي رهيا هئا ته جمالي مورِي وٽ هٿياربندن روڪي سندن کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي مزاحمت تي توفيق پيرزادو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.