ٺڪراٺو (رپورٽ: ممتازعلي مهر) ٺڪراٺي ڀرسان هٿياربندن ڳوٺ حاڪم چانڊيو تي مبينا حملو ڪري ٽن گهرن کي باهي ڏئي ڇڏي، ڳوٺاڻن خانپور مهر کان فائر برگيڊ گهرائي باھ تي ضابطوآندو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڱرار ٿاڻي جي حد فقيرآباد مان شفيعت زال گلبهار چانڊيو گهران نڪري وئي هئي جنهن جو الزام شريف چانڊيو مٿان لڳو، جنهن تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. عورت جي وارثن پاران الزام هيٺ آيل ڌر جي ڳوٺ حاڪم چانڊيو مٿان مبينا حملو ڪري شريف چانڊيو جي گهر سميت ٽن گهرن کي باھ ڏئي ساڙيو ڇڏيو جڏهن ته گهرن جا مالڪ اڳ ئي گهرن مان نڪري ويا هئا ، ايس ايچ او مبارڪپور وهاب پتافي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته چانڊيا برادري جو پاڻ ۾ سڱاوتي مسئلو آھي، شريف چانڊيو پرڻيل عورت کنئي آھي، جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي آھي. الزام هيٺ آيل ڌر گهر خالي ڪري وئي آھي، ڪجهه ماڻھن پاران گهرن کي ساڙڻ جو اطلاع مليو آھي، اسان وٽ ڪو فريادي ناهي آيو معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪريو پيا.