سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ارڙھين شاخ وٽ زميني تڪرار تان مهر ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين پاران هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي، اڌ ڪلاڪ فائرنگ بعد واقعي واري هنڌ پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي، ان موقعي تي ايس ايچ او سٺ ميل ٻڌايو ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، ھوائي فارنگ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته جاچ ڪيون پيا ته اڳرائي ڪنهن ڪئي آهي. ٻي طرف محمد نواز کوسي ٻڌايو ته شام کان وٺي مھرن طرفان فارنگ جاري آھي، هن الزام هنيو ته جوابدار گهرن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.