مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو شھر جي درس روڊ امين آباد ڪالوني ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن سڌوجا اسڪول جي پٽيوالي (سوئيپر) عبدالرحيم شيخ کي گوليون ھڻي فرار ٿي ويا جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏني وئي، جڏھن ته سندس حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش مورو اسپتال آندو ويو جتي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي سندس پٽ زبير شيخ ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني ناھي خبر ناھي ڪنهن والد کي گولي ھڻي قتل ڪيو آهي. جڏھن ته مقتول جي گھر واري الزام ھڻندي چيو ته منھنجي مڙس کي ڪجهه ماڻھو ڌمڪيون ڏيندا ھئا جن دشمني تحت کيس گوليون ھڻي ماريو آھي مونسان وڏو ظلم ٿيو آھي، ھوڏانھن لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته مورو پوليس اھڙي واقعي جي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.