مورو (ن پ ا) مورو ويجهو ڳوٺ رمضان کوکر ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان ٿيل جھيڙي جو ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جوابدارن ۾ الھه بخش عرف نانو کوکر، رمضان کوکر، سڪندر، بلاول، شعبان، ذوالفقار، عمران، فرمان، ذيشان، اختر، نبي بخش عرف نبن کوکر، احمد خان، ميهر۽ دلدار کوکر شامل آھن، هوڏانهن ڪهاڙيون هڻي ڄنگهون ڪپي زخمي ڪيل پيرسن نبي بخش عرف نبن کوکر کي نازڪ حالت هجڻ سبب نوابشاهه کان ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.