اسلام آباد (م ڊ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ٻه رپيا 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري هلندڙ مالي سال جي ٻي ٽماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي. نيپرا بجلي جو اگهه وڌائڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کان واڌو وصوليون اپريل، مئي ۽ جون ۾ ڪيون وينديون. بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي، ان واڌ سان واهپيدارن تي 85 ارب 20 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو. هوڏانهن پيٽروليم شين تي 20 کان 30 رپيا ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. ذريعن موجب ليوي نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاربن ليوي سان حاصل ڪيل روينيو وفاقي حڪومت استعمال ڪري سگهندي. واضح رهي ته پيٽروليم شين تي اڳ کان 60 رپيا ليٽر پيٽروليم ليوي لاڳو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف به پيٽروليم شين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو هو.