منگهو پير ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جو آفيسر قتل

0
285

ڪراچي: منگھوپير ۾ فائرنگ ڪري ڪراچي واٽر بورڊ جي آفيسر کي قتل ڪيو ويو آهي
پوليس موجب واقعو حب ريز وائر واٽر بورڊ ڪالوني منگھو پير ۾ پيش آيو
موٽرسائيڪل سوار جوابدارن ڪراچي واٽر بورڊ جي آفيسر محمد فرقان اختر کي گولين جو نشانو بڻايو
پوليس موجب 42 ورهين جي سب انجنيئر فرقان اختر کي مٿي ۾ گوليون لڳيون آهن، واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول جا 2 خول هٿ آيا آهن، جڏهن ته مقتول جي موٽرسائيڪل پڻ غائب آهي
ايس ايس پي اولهه فيصل بشير ميمڻ موجب، شروعاتي جاچ موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي، جوابدارن واقعي کي ڦر جو رنگ ڏيڻ لاءِ آفيسر کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي