منهڙو (ن پ ا) منھڙو ڀرسان ظفـرآباد اسٽاپ وٽ رات دير سان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 نامعلوم ھٿياربندن ڳوٺ ٻاجهي خان شـر واسي پورھيت ممتاز علي عمـراڻي کان موٽرسائيڪل ڦـر ڪئي، مزاحمت تي ھٿياربندن ڏنڊا ھڻي ممتاز علي عمراڻي کي سخت زخمي ڪري وڌو، ھٿياربند موٽرسائيڪل ڪاھي فـرار ٿي ويا. منھڙو پوليس ليٽر ڏئي زخمي نوجوان کي شاھپورجھانيان اسپتال روانو ڪري ڇڏيو، جتي زخمي ٿيل نوجوان کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد گھر روانو ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.