پريالوءِ (ن پ ا ) پريالوءِ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ محمد علي جعفري ۾ جانورن ۾ پراسرار بيماري ڦھلجي وئي. ڳوٺاڻن جون ٻڪريو،ن ڳئون ۽ مينھون مري ويون. ڳوٺاڻن عبدالحميد جعفري، عبدالرحيم جعفري، عبدالله جفري ميڊيا کي ٻڌايو ته جانورن ۾ پراسرار بيماري ڦھلجي وئي آھي، هنن چيو ته پريالوءِ ۾ جانورن جي علاج لاءِ مقرر عملو اسپتال مان غائب رھي ٿو، ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي اسان جو وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.