ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلي جي ڳوٺ ڀورل ڇڄڻ ۾ ڳوٺاڻي ڄام خان ڇڄڻ جي گھر کي باهه لڳڻ سبب 2 گابا، ھڪ ٻڪري سڙي مري ويون، جڏھن ته 30 مڻ ڪڻڪ، روڪ رقم ۽ ٻيو گھر ۾ پيل سمور سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثر ڳوٺاڻي جو چوڻ ھو ته بروقت اطلاع باوجود فائربرگيڊ نه پھتي، پنھنجي مدد پاڻ باھ تي ڪنٽرول ڪيو.