پيروسڻ (ن پ ا) پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنيسر جروار ۾ ھاليپوٽا ۽ جروار برادري ۾ رستي جي لنگهه تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جي ھڪ عورت سميت 5 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، پوليس پاران زخمين کي ليٽر ڏئي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال ٺري ميرواھ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، زخمين ۾ جروار برداري جا مھمير جروار ۽ سندس ڀاءُ قاسم جروار زخمي سخت ٿي پيا آھن ٻئي طرف ھاليپوٽو ڌر جا ساجد علي ھاليپوٽو، زاھد علي ۽ مسمات رسولان ھاليپوٽو شامل آھن، جن کي علاج خاطر تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.