منفرد چشمو ٺاهيندڙ سنڌي شاگردياڻي ڳوٺ پهتي، شاندار آجيان

0
210
منفرد چشمو ٺاهيندڙ سنڌي شاگردياڻي ڳوٺ پهتي، شاندار آجيان
منفرد چشمو ٺاهيندڙ سنڌي شاگردياڻي ڳوٺ پهتي، شاندار آجيان

ٽنڊوآدم (ن پ ا) منفرد چشمو ٺاهي ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ شاگردياڻي بسما سولنگي اباڻي ڳوٺ پهتي، سندس ڀرپور آجيان، خبر موجب سائنس جي ميدان ۾ ڊرائيورن لاءِ منفرد چشمو تيار ڪندڙ ٽنڊي آدم جي ڳوٺ ملا مکڻ واسڻ باصلاحيت شاگردياڻي بسما سولنگي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ملا مکڻ پهتي، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو

جنهن بعد هوءَ پريس ڪلب پهتي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته محنت ڪرڻ سان ئي منزل ملي ٿي، اسان جي ٽيم ڊرائيورن کي ننڊ اچڻ تي جاڳائڻ لاءِ منفرد چشمو ٺاهڻ جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو، ڪيترائي ڀيرا ناڪام ٿياسين پر همت نه هاري، نيٺ اهو ڪارنامو ڪري دنيا کي ڏيکاريو ته سنڌ جون نياڻيون به ڪنهن کان گهٽ ناهن

هن ٻڌايو ته اهڙي ڪاميابي تي ناسا پاران آمريڪا گهرايو ويو، جتي وڌيڪ سکڻ جو موقعو مليو، هن ٻڌايو ته اتي دنيا جي 50 اسڪولن جي شاگردن شرڪت ڪئي

جتي اسان جي ٽيم مقابلو کٽي پهرين پوزيشن ماڻي، هن چيو ته اهو چشمو ڊرائيورن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ ڊرائيونگ دوران انهن کي ننڊ اچڻ تي جاڳائيندو، هن چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ آھي، انهن کي موقعا ملن ته اهي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي ملڪ ۽ علائقي جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا