اسلام آباد جي احتساب عدالت فواد چوڌري جو وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

0
91
اسلام آباد جي احتساب عدالت فواد چوڌري جو وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو
اسلام آباد جي احتساب عدالت فواد چوڌري جو وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

اسلام آباد جي احتساب عدالت گهوٻين واري ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

فواد چوڌري تي جهلم جي اڏاوتي منصوبن ۾ گهوٻيون هڻڻ جا الزام آهن، فواد چوڌري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير هلائي

عدالت فواد چوڌري کي وڪيلن سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪندي 5 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

نيب فواد چوڌري جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏني