ڪراچي(رپورٽ : حبيب جمالي) سنڌ ۾ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد رينج جي 2 ڊي ايس پيز ۽ 8 ايس ايچ اوز سميت 41 اهلڪار معطل، سمورن  معطل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ بليڪ ڪمپني حوالي ڪيو ويو. ان ڏس  ۾ آءِ جي آفيس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطل ٿيندڙن ۾ نيو ڪراچي جو ايس ڊي پي او ڪنور آصف سرفراز ۽ ٽنڊي غلام علي جو ايس ڊي پي او غلام انور حسين شاهه شامل آهن، جڏهن ته معطل ڪيل ايس ايچ اوز ۾ ڪراچي جا ايس ايچ او شريف آباد غلام حسين پيرزادو، ايس ايچ او بلال ڪالوني آفتاب عباسي، ايس ايچ او گلبرگ اشرف جوڳي، ايس ايچ او پاڪ ڪالوني ڀائي خان، ايس ايچ او سعيد آباد شاڪر علي، ايس ايچ او اتحاد ٽائون ارباب غلام رسول ۽ حيدرآباد جا ايس ايچ او اي سيڪشن لطيف آباد نياز احمد پنهور ۽ ايس ايچ او حالي روڊ نثار احمد شاهه شامل آهن، نوٽيفڪيشن موجب سب انسپيڪٽر وحيد، اي ايس آءِ گل فراز، اي ايس آءِ ناصر، اي ايس آءِ علي دوست، اتحاد ٽائون جي وڏي منشي راجا شهزاد ۽ سعيد آباد جي شير جنگ، هيڊ ڪانسٽيبلز احمد علي، رياست علي، سفيان عرف ڀيا، عمران، نويد، جهانگير، شعيب تنولي، تبرڪ علي، هارون، اعجاز، مقصود، بشير، گلفام، زوهيب تنولي ۽ اسامه ملڪ کي معطل ڪيو ويو. اهڙي ريت  شيخ ڀرڪيو، اي سيڪشن لطيف آباد، ڪوٽڙي، سائيٽ حيدرآباد، ٽنڊو غلام حيدر، ماتلي، هوسڙي ۽ ڄامشوري ٿاڻن جي اي ايس آئيز زاهد لاکير، محمد خان، فدا حسين هنڱورو، وقار، قاسم شاهه، اسلم سولنگي، شاهد پتافي، شمن برفت کي به معطل ڪيو ويو آهي