منال خان مداحن کي جلد شادي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

0
221

ڪراچي (شوبز نيوز) تازو ئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل اداڪارا منال خان ماڻهن کي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.منال خان ۽ احسن محسن اڪرام جي شاديءَ کي هڪ هفتو گذري ويو، ٻنهي جي شادي هفتو اڳ ڌوم ڌام سان ٿي هئي.گهوٽ ۽ ڪنوار جي شادي جي تقريب جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويون آهن.

گذريل ڏينهن به منال خان جي مڙس احسن محسن اڪرام پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڪجهه وڊيوز شيئر ڪيون، جنهن ۾ هو پنهنجي گهرواري منال خان کان پڇي ٿو ته توهان کي شادي بعد ڪيئن محسوس ٿي رهيو آهي؟ ۽ ٻين ماڻهن کي شادي جي حوالي سان توهان ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟جنهن تي منال چوي ٿي ته جيئن شادي کان اڳ ۾ لڳي رهيو هو ان کان بهتر هاڻي ٿو لڳي.منال وڊيو ۾ اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته شادي کان اڳ ۾ احسن کي ائين  لڳي رهيو هو ته آئون شادي جي پهرين ڏينهن ڀڄي ويندس، جنهن تي احسن به چوي ٿو ته مون کي ائين لڳي رهيو شادي ڏينهن مان ڀڄي ويندس.احسن محسن اڪرام وڊيوز ۾ منال کان پڇي ٿو ته توهان کي جيڪڏهن مشورو ڏيڻو پوي ته توهان ماڻهن کي ڪهڙو پيغام ڏيندو، جنهن تي منال خان چيو آئون انهن کي چوندس ته شادي ڪيو اهو بهتر مشورو هوندو.منال خان دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته مونکي شاديءَ ۾ تحفا نه ڏنا ويا منهنجي مڙس احسن کي ماڻهن پاران تمام گهڻا تحفا ڏنا ويا.