نيوزيلينڊ جو دورو ختم ٿيڻ تي فنڪار به مايوس:ڪيويز جي فيصلي تي حيران

0
176

ڪراچي (شوبز نيوز)  پاڪستان جي دوري تي آيل نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ  ٽيم جي بورڊ پاران گذريل ڏينهن اوچتو سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي سيريز رد ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ واري فيصلي نه رڳو ڪرڪيٽ جي شوقينن کي مايوس ڪيو پر ان فيصلي فنڪارن کي به حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو اظهار سوشل ميڊيا تي به ڪاوڙ ذريعي ڪيو پيو وڃي.

همايون سعيد نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سيريز رد ٿيڻ واري فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيوزيلينڊ واري فيصلي کي عجيب ۽ پريشان ڪندڙ قرار ڏنو.همايون سعيد ٽوئيٽ ڪيو ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان ۾ امن و امان جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. اسان جي سيڪيورٽي ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون پنهنجي ڪم ۾ مڃايل آهن.سندس چوڻ هو ته سواءِ ڪنهن ثبوت جي آخري منٽ ۾ ميچ کي رد ڪرڻ وارو جواز نه ٿو بڻجي، نيوزيلينڊ جي ان فيصلي لکين شوقينن کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي طرح گلوڪار عاصم اظهر ان واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان ان قوم مان آهيون جيڪا پوري قوت سان واپسيءَ تي يقين رکي ٿي، پاڪستان محفوظ آهي ۽ سدائين  رهندو.سندس چوڻ هو ته نيوزيلينڊ يا ٻئي ملڪ کي دل کولي ڪري ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان کي دنيا کان هوشيار رهڻ گهرجي ته هاڻ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ملندواداڪار فيصل قريشي به پاڪ نيوزيلينڊ سيريز جي رد ٿيڻ واري فيصلي تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته آخري لمحن ۾ نيوزيلينڊ جي راند رد ٿيڻ جو ٻڌي تمام مايوسي ٿي.