اسٽيج تي ڪنوار کي باس جو فون اچي ويو: گھوٽ نظرانداز

0
398

ڪراچي(م ڊ) شادي جي تقريبن جي موقعن تي اسٽيج تي ڪنوار جي رسمن جي انوکي ۽ منفرد وڊيز ته وائرل ٿينديون رهنديون آهن پر  ڇا ڪڏهن ڪنهن کي ڪنوار کي پنهنجي ئي شادي تي آفيس جو ڪم ڪندي ڏٺو آهي؟

سوشل ميڊيا تي هڪ دلچسپ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار ليپ ٽاپ کڻي ويٺي آهي ۽ لاڳيتو فون تي به ڪنهن سان رابطي جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.

ڪنوار پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مصروف آهي جو ڀرسان ويٺل گهوٽ کي به نظر انداز ڪري رهي آهي.

انسٽا گرام اڪائونٽ تي هي وڊيو بنا ڪيپشن جي پوسٽ ڪئي وئي، پر ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته ڪنوار کي آفيس جو ڪجهه ضروري ڪم ڪرڻو پيو ۽ هن کي پنهنجي بوس جي ڪال موصول ٿي هئي.

وائرل وڊيو تي صارفين مثبت تبصرا پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪنوار جي عمل کي به ساراهيو پيو وڃي.