لاڙڪاڻو/رتو ديرو (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، گورنر ۽ بزرگ سياستدان ممتاز علي ڀٽو جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ اهم شخصيتن سميت علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، اڄ ٽيجهو ٿيندو. خبر موجب لاڏاڻو ڪري ويل ممتاز علي ڀٽو جو مڙهه ڪراچي کان سندس ننڍي پٽ علي حيدر ڀٽو، آصف بيگ محمد ۽ غلام قادر شاهه ڄاموٽ جي نگراني ۾ ايمبولينس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ ميرپور ڀٽو آندو ويو، مڙھه پھچڻ وقت موجود سوين ماڻهو لڙڪ لاڙيندا رهيا، سندس جنازي نماز ممتاز علي ڀٽو جي وڏي ناٺي غلام قادر شاهه ڄاموٽ پڙهائي، جنهن ۾ مرحوم جي پٽن امير بخش ڀٽو، علي حيدر ڀٽو، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار، صفدر عباسي، معظم علي عباسي، راشد محمود سومرو، خير محمد شيخ، انور علينواز لهر، مير مٺل ٽالپر، اسلم ابڙو، اظهر ڪماريو، شاهد ڀٽو، عامر ڀٽو، ذوالفقار ڪماريو، علي گوهر مهر، غوث بخش مهر، غلام رسول چانڊيو، حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر چيتن ڪمار، سائين جي ايم سيد جو پوٽو سيد ڊاڪٽر ضياءَ شاهه سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز کي آڏو رکندي ماڻهن کي ٻن وڏين اسڪرينن ذريعي آخري ديدار ڪرايو ويو. جنازي نماز بعد مرحوم جو مڙهه سندس حياتي ۾ جوڙايل قبر ۾ هزارين سڏڪن ۽ لڙڪن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ممتاز علي ڀٽو جو تڏو ميرپور ڀٽو واري گهر تي وڇاويو ويو آهي، جتي سندس پٽ امير بخش ڀٽو، علي حيدر ڀٽو ۽ خاندان جا ٻيا ماڻهو عذر خواهيون وصول ڪري رهيا آهن، هوڏانهن ترجمان موجب ممتاز علي ڀٽو جو ٽيجهو اڄ اڱاري ڏينهن مير پور ڀٽو ۾ ٿيندو. جنهن ۾ مرحوم جي مڙهه کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ صبح جو 11وڳي قرآن خواني ڪئي ويندي، جنهن بعد خيرات جي ماني تقسيم ڪئي ويندي، جڏهن ته ان موقعي تي پڳ ٻڌڻ جي پڻ رسم ٿيندي.