اسلام آباد(بيورورپورٽ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي وفاقي گهرو وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. مونس الاهي ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي هن کان حلف ورتو. مونس الاهي کي آبي وسيلن جي اهم وزارت جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو هو.