ملڪ ۾ ٻن مهينن بعد ڊالر جي مُلهه ۾ رڪارڊ گهٽتائي

0
627
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ ٻن مهينن بعد ڊالر جي مُلهه ۾ رڪارڊ گهٽتائي، آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رُپيو مستحڪم ٿيڻ لڳو آھي

 انٽر بئنڪ ۾ مُلهه ڪِرڻ بعد ڊالر 206 رُپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي مُلهه ۾ 4 رُپيا گهٽتائي، هڪ آمريڪي ڊالر 209 رُپين جو ٿي ويو

ٻئي پاسي ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، چين مان سومر تائين پئسا اچي ويندا، مون پهرئين ڏينهن کان چيو هو ته  پئٽرول جا اگهه وڌائڻا پوندا

ھن چيو تھ پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻي تي ڇڏي وئي هئي، اسان پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو، هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري آئي آهي، رُپئي جو مُلهه به مستحڪم ٿيڻ وڃي رهيو آهي