ملڪ ۾ جيتري مهانگائي آهي ان کان هرڪوئي پريشان آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
180
ملڪ ۾ جيتري مهانگائي آهي ان کان هرڪوئي پريشان آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ
ملڪ ۾ جيتري مهانگائي آهي ان کان هرڪوئي پريشان آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کير من پسند اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي منافعي خورن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کير جا اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سربراهيءَ ۾ کير جي اگهن بابت توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت کير 140 کان 150 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي، عدالت 4 هفتن ۾ قيمتون مقرر جو حڪم ڏنو هو، پر اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي کان هرڪوئي پريشان آهي، توهان کي خبر آهي ته چاري جا اگهه ڇا آهن، هر شيءَ جا نوان اگهه آهن، هر طبقي جا ماڻهو پريشان آهن

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته قيمت مقرر ڪرڻ انتظاميه جي ذميواري آهي، کير جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان ڪيترائي اجلاس ڪيا آهن، 24 نومبر تي وڌيڪ اسٽيڪ هولڊرز سان اجلاس ٿيندو

بعد ۾ عدالت منافعي خورن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کير جا اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي