ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري صدر ڊاڪٽر عارف علوي، پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان, مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت ۽  جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان کي درپيش چيلينجز ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته فرض نڀائڻ ۾ اوهان جي رهنمائي جو خواهشمند آهيان، ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءِ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سياسي اڳواڻن گورنر کي چيو  ته مشاورت هڪ بهتر عمل آهي، انهي سان مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.