ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جوابدار پنهنجي پيءَ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، گرفتار، نيو ڪراچي جي سيڪٽر 11 ڊي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جوابدار طاهر پنهنجي پيءَ 60 ورھين جي حنيف انصاري کي تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس موجب بيرحماڻي تشدد سبب پيرسن موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب پيرسن جو لاش ضابطي جي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.